Tech/Server switch 2018
هن پيغام کي ٻي ڪنهن ٻولي ۾ پڙهو • Please help translate to your language
وڪيميڊيا فائونڊيش پنهنجي ٻي ڊيٽا مرڪز جي چڪاس ڪندي. ان سان اها پڪ ٿيندي ته ڪنهن آفت جي وقت وڪيپيڊيا يا وڪيميڊيا جون ٻيون وڪيز درست نموني ڪم ڪري سگھن. اها چڪاس ٺيڪ ڪم ڪري رهي آهي، ان لاءِ وڪيميڊيا جي ٽيڪنالاجي شعبي پاران هڪ رٿيل ٽيسٽ ڪئي ويندي. اها چڪاس ڏيکاري ويندي جيڪڏهن هڪ ڊيٽا مرڪز مان ٻي ڊيٽا مرڪز ۾ درست منتقلي ممڪن ٿي وڃي. هن چڪاس لاءِ ڪيتريون ئي ٽيمون گھربل هونديون، جيئن ڪنهن ايندڙ مسئلي کي درست ڪري سگھجي.
اهي ٽيمون اربع، 12 سيپٽمبر 2018ع تي سمورن واپرائيندڙن ۽ پڙهندڙن کي نيئن ڊيٽا مرڪز ڏانهن منتقل ڪندا. اربع، 10 آڪٽوبر 2018ع، تي وري انهن کي اصل ڊيٽا مرڪز ڏانهن واپس ڪيو ويندو.
معذرت سان، ميڊياوڪي تي ڪجهه حدبندين سبب، سمورا ترميم روڪيا ويندا جڏهن ڊيٽا مرڪز ۾ تبديل جاري هجي. اسان اهڙي خلل لاءِ معذرت خواه آهيون، ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته مستقبل ۾ اهڙا مسئلا جيترا ٿورا ٿي سگھن پيش اچن.
اوهان سمورن وڪيز تي پڙهي سگھو ٿا، پر ترميم نٿا ڪري سگھو.
- اوهان لڳ ڀڳ 12 سيپٽمبر ۽ 10 آڪٽوبر تي هڪ ڪلاڪ لاءِ ڪا ترميم نٿا ڪري سگھو. اها چڪاس 14:00 يو ٽي سي (15:00 بي ايس ٽي، 16:00 سي اي ايس ٽي، 10:00 اي ڊي ٽي، 07:00 پي ڊي ٽي، 23:00 جي ايس ٽي، ۽ جڏهن ته نيوزيلينڊ ۾ 02:00 اين زيڊ ايس ٽي، بروز خميس 13 سيپٽمبر ۽ خميس 11 آڪٽوبر) ٽائيم موجب شروع ٿيندي.
- جيڪڏهن اوهان ڄاڻيل وقت تي ترميم ڪيو يا ان کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته اوهان وٽ هڪ پيغام ظاهر ٿيندو. اسان کي اميد آهي ان وقت ڪا به ترميم ضايع نه ويندي، پر اسان ڪا پڪ نٿا ڏيون. جيڪڏهن اوهان وٽ پيغام ظاهر ٿي ته، مهرباني ڪري انتظار ڪندا جيسيتائين سڀ ڪجهه درست ٿي وڃي. ان کان پوءِ اوهان جون ڀاڱيداريون محفوظ ٿينديون. پر، اسان جي صلاح آهي ته ترميم جي هڪ ڪاپي ٻي هنڌ محفوظ ڪيو، ممڪن آهي ٻي صورت ۾ اوهان جي ترميم ضايع ٿي وڃي.
ٻيا اثر:
- ڪجهه خوصيتون آهستي ڪم ڪن يا مڪمل بند ٿي وڃي. جيڪي ڳنڍڻا ڳاڙهي رنگ سان هجن ممڪن آهي اهي جلد اپديٽ نه ٿين. جيڪڏهن اوهان ڪو مضمون جوڙيو ٿا ۽ اهو اڳئي ڪنهن ٻي مضمون ۾ ڳنڍڻي طور شامل آهي ته اتي ڳاڙهو ڳنڍڻو ظاهر ٿيندو. ڪي وڏا اسڪرپٽ بند ٿي ويندا.
- 10 سيپٽمبر ۽ 8 آڪٽوبر جي هفتي ۾ ڪجهه ڪوڊ ممڪن آهي درست ڪم نه ڪن. غير ضروري ڪوڊ کي شامل نه ڪيو ويندو.
هي ڪم ممڪن آهي ته ڪنهن سبب لاءِ روڪيو وڃي. اوهان ان جي باري ۾ هتي پڙهي سگھو ٿا wikitech.wikimedia.org. ڪنهن به تبديلي جو اعلان اڳ ئي اتي ڪيو ويندو. هن ڪم جي باري ۾ وڌيڪ اطلاع پڻ اتي موجود هوندا. مهرباني ڪري پنهنجي برادري سان هي ڄاڻ ونڊ ڪيو. /User:Johan(WMF) (talk)