وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو 2021

This page is a translated version of the page Wikipedia Asian Month 2021 and the translation is 97% complete.
Outdated translations are marked like this.
HOME User Group 2022 2021 2020 2019 2018 2017 2016 2015
حيران ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو!

وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو ڇا آهي؟

وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو (وام) هڪ ساليانو وڪيپيڊيا مقابلو آهي جيڪو مختلف ٻولين جي مخصوص وڪيپيڊيا تي ايشيائي مواد جي واڌاري تي مرڪوز آهي. هر حصو وٺندڙ ڪميونٽي هر نومبر تي پنهنجي ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا تي هڪ مهيني لاءِ آن لائين ايڊيٽٿان هلائي ٿي ته جيئن نئون مواد ٺاهي يا پنهنجي ملڪ کان سواءِ ايشيائي موضوعن بابت موجوده مضمونن کي بهتر ڪري.

ھن مقابلي جو پھريون سلسلو 2015 ۾ شروع ٿيو ۽ ھر سال مضمونن جو تعداد وڌيو آھي ۽ حصو وٺندڙ طرحين طرحين جا ۽ وَڌيا آھن. وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو 5 سالن ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري چڪو آهي: 37,500 کان وڌيڪ اعليٰ معيار جا مضمون 63 کان وڌيڪ ٻولي-مخصوص وڪيپيڊيا ۾ '2,900' وڪيپيڊيا ايڊيٽر پاران شامل ڪيا ويا آهن.

وڪيپيڊيا ايشيائي ڪميونٽي جي دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي حصي جي طور تي، شرڪت ڪندڙ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ چار مضمون ٺاهيندا، انهن کي هڪ خاص وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو پوسٽ ڪارڊ ملندو. وڪيپيڊيا وارا جيڪي هر وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ مضمون ٺاهيندا آهن انهن کي ”وڪيپيڊيا ايشيائي سفير“ جي حيثيت سان نوازيو ويندو.

حيران ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو! توهان ڪڏهن به نه ٿا ڄاڻو ته ڪهڙي وڪي ڪميونٽي توهان کي پوسٽ ڪارڊ موڪليندي!

ڪرتوت لاءِ سڏ!

وڪيپيڊيا تي لکين مضمون آهن جن جي باري ۾ توهان پڙهي سگهو ٿا، پر ايشيائي موضوع وڏي ۾ وڏي ۽ گهڻي آبادي وارو کَنڊُ هجڻ جي باوجود انٽرنيٽ ۽ گڏوگڏ وڪيپيڊيا تي گهڻو ڪري گهٽ نمايان آهن. انٽرنيٽ تي پيش ڪرڻ کان سواءِ، ايشيا جي شاهوڪار سڀيتا ۽ اِتهاس کي سکڻ ۽ باقي دنيا کي ڄاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان دوران، اڪثر ايشيائي ٻوليون وڪيپيڊيا پروجيڪٽس ۽ ڪميونٽيز ان جي وڏي آبادي جي بنياد جي مقابلي ۾ نسبتاََ ننڍا آهن. وڪيپيڊيا جا 9 پروجيڪٽ آھن جن جا 5,000 کان وڌيڪ سرگرم واپرائيندڙ آھن، پر انھن مان رُڳو 2 ايشيائي ٻوليون آھن. وڪيميڊيا جي 39 بابن مان، انهن مان فقط 7 ايشيا جا آهن.

وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو انهن خالن کي محدود ڪرڻ چاهي ٿو. انهن برادرين کي اڳتي وڌڻ لاءِ وڌيڪ طريقا اختيار ڪرڻ لاءِ سپورٽ ضروري آهي. وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي مطالبن لاءِ هن حامي پوزيشن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ٿو. ڪيترن ئي وڪيپيڊيا ۽ ٻين وڪيميڊيا پروجيڪٽس/ ڪميونٽيز لاءِ، وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو سندن واحد آن لائين تقريب آهي. ايشيائي مهيني ۾ حصو وٺڻ سان، توهان وام ٽيم کي بااختيار بڻائي رهيا آهيو ۽ انهن سڀني مدد ڪندڙن کي انهن برادرين لاءِ ممڪن ۽ دستياب بڻائي رهيا آهيو.

ڪجهه ٻين وڪيپيڊيا واقعن جي اُبتڙ، وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو پنهنجو گهڻو ڌيان نون واپرائيندڙن تائين پهچائڻ، يا غير معمولي سرگرم ايڊيٽر کي اجاگر ڪرڻ تي نه ٿو ڏئي. ان جي بدران، اسان وڪيپيڊيا برادرين جي بنيادي قوتن جي ساراهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي تمام گهڻي ڪوشش ڪريون ٿا، جن وڪيپيڊيا تي لڳاتار هر سال نوان مضمون لکي، يا هڪ ڀيرو ٻه سؤ ترميمون ڪري، ڊگهي عرصي تائين وڪيپيڊيا ۾ حصو ورتو آهي.

>>> وڌيڪ پڙهو پس منظر ۽ موضوع بابت هتي

مقابلي ۾ ڪيئن حصو وٺجي؟

مُنڍ

  • وقت: نومبر 1st، يوٽي سي 00:00 کان 30 نومبر، يو ٽي سي 05:00، 2021.
  • اوزارَ: فاؤنٽين جو اوزار.
  • ضابطا: مقابلي جي حصي لاءِ ضابطا ڇاپيل آهن. ڪجھ ننڍا مقابلا ٿي سگھن ٿا انھن جا پنهنجا ضابطا، نامزدگيون، آخري تاريخون وغيره ٿي سگهن ٿيون.
  • انعام: شرڪت ڪندڙن کي وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو پوسٽ ڪارڊ ملندا جڏھن اھي 4 مضمون ٺاھيندا جيڪي ضابطن تي پورا لهندا.
  • يوزر باڪس: {{User Asian Month|2021}}
Wikipedia Asian Month website   Wikipedia Asian Month on Facebook   Wikipedia Asian Month on Twitter   Wikipedia Asian Month on Instagram   Wikipedia Asian Month Telegram group   

بطور ايڊيٽر

  • وڪيپيڊيا جي ٻولي جو ايڊيشن ڳولھيو جنھن ۾ توھان سنوار ڪرڻ چاھيو ٿا، جيڪڏھن اھي حصو وٺي رھيا آھن.
  • ايشيا سان لاڳاپيل موضوعن ۽ عنوانن بابت آرٽيڪل چونڊيو، پر پنهنجي ملڪ مان نه، ۽ آرٽيڪل ٺاهڻ شروع ڪريو.
  • نومبر 2021 جي مهيني تائين ڪنهن به وقت سائن اپ ڪريو، ۽ فاؤنٽين ٽول ذريعي پنهنجو ڀاڱو جمع ڪرائڻو پوندو'.

آرگنائيزر جي طور تي

  • جڏهن مقامي وڪيپيڊيا برادريون وڪيپيڊيا ايشيائي مهيني ۾ شرڪت ڪن ٿيون، ته انهن کي آرگنائيزر بڻجڻ جي لاءِ ڪنهن هڪ جي ضرورت هوندي آهي.
  • ھڪڙي واقعي واري صفحي کي سيٽ ڪريو ۽ پنھنجي ٻوليء جي ڪميونٽي ۾ مقامي سطح تي مقابلو ڪريو.
  • آن لائن ۽ آف لائن واقعن کي منظم ڪريو، ۽ فاؤنٽين ٽول ذريعي شرڪت ڪندڙن جي اوسر جو پيچرو رکو.
  • جيڪڏهن توهان وٽ عوامي رابطن ۾ مهارت يا صلاحيتون آهن، ته پوءِ توهان ميڊيا ڪوريج حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهو ٿا.

ڪميونٽي ۽ آرگنائيزر

وڪيپيڊيا ايشيائي مهيني جو پروجيڪٽ هڪ مهيني جو مقابلو آهي، ۽ شرڪت صرف ايشيائي برادرين تائين محدود ناهي. گهٽ ۾ گهٽ 54 حصو وٺندڙ مقامي برادريون نومبر 2021 تي هن آن لائن ايڊٽ-اي-ٿون کي هلائينديون، ۽ ڪجهه ننڍا مقابلا اسان جي ساٿين سان منعقد ڪيا ويندا:

پنھنجو ديسي وڪيپيڊيا ڳولھيو!
جيڪڏھن توھان جو مقامي وڪيپيڊيا اڳ ۾ ئي حصو وٺي رھيو آھي، پڇو ته ڇا توھان مدد ڪري سگھو ٿا مضمونن جو فيصلو ڪرڻ ۾ جيڪڏھن توھان دلچسپي رکو ٿا:


  1. Arabic Wikipedia (Fountain) - Avicenno
  2. Assamese Wikipedia (Fountain) – SlowPhoton
  3. Bengali Wikipedia (Fountain) – Aishik Rehman
  4. Bikol Wikipedia (Fountain) – Ralff Nestor Nacor
  5. Bosnian Wikipedia (Fountain) – Arnel, AnToni
  6. Cantonese Wikipedia (Fountain) – Detective Akai
  7. Catalan Wikipedia (Fountain) - F3RaN
  8. Chinese Wikipedia (Fountain) – Ericliu1912, Sanmosa, Theodore Xu, 無聊龍
  9. Croatian Wikipedia (Fountain) – Fraxinus
  10. English Wikipedia (Fountain) – ZI Jony
  11. Finnish Wikipedia (Fountain) – Lentokonefani
  12. French Wikipedia (Fountain) – Daxipedia, Pierre André
  13. German Wikipedia (Fountain) - Sebastian Wallroth
  14. Georgian Wikipedia (Fountain) - Mehman97
  15. Greek Wikipedia (Fountain) – MARKELLOS, NikosLikomitros
  16. Gorontalo Wikipedia (Fountain) - Marwan Mohamad
  17. Gujarati Wikipedia (Fountain) – KartikMistry
  18. Hebrew Wikipedia (Fountain) – Euro know
  19. Hindi Wikipedia (Fountain) – हिंदुस्थान वासी, Innocentbunny
  20. Hungarian Wikipedia (Fountain) - Xia
  21. Indonesian Wikipedia (Fountain) - Agus Damanik, Nohirara, Rachmat04, Hanamanteo
  22. Italian Wikipedia (Fountain) - Camelia.boban, Mannivu
  23. Japanese Wikipedia (Fountain) – Los viajeros 77
  24. Kannada Wikipedia (Fountain) – Pavanaja, Gangaasoonu
  25. Korean Wikipedia (Fountain) [١] - 이강철
  26. Latvian Wikipedia (Fountain) - Papuass
  27. Malay Wikipedia (Fountain) - PeaceSearcher
  28. Malayalam Wikipedia (Fountain) – Meenakshi nandhini, Ranjithsiji
  29. Marathi Wikipedia (Fountain) – Rockpeterson, Sandesh9822
  30. Odia Wikipedia (Fountain) – Ssgapu22
  31. Persian Wikipedia (Fountain) – Persia, Mardetanha and Arash.pt
  32. Portuguese Wikipedia (Fountain) – Juan90264, Skyshifter, Tuga1143
  33. Romanian Wikipedia (Fountain) – NGC 54
  34. Russian Wikipedia (Fountain) – La loi et la justice, Rijikk, Ле Лой
  35. Sanskrit Wikipedia (Fountain) - Suyash Dwivedi
  36. Simple English Wikipedia (Fountain) – Camouflaged Mirage, つがる
  37. Sindhi Wikipedia (Fountain) – JogiAsad
  38. Sinhala wikipedia
  39. Slovak Wikipedia (Fountain) – Lišiak, Jetam2
  40. Spanish Wikipedia (Fountain) - Millars and Rodelar
  41. Swedish Wikipedia (Fountain) – Deryni and Bairuilong
  42. Tagalog Wikipedia (Fountain) – Jojit Ballesteros
  43. Tatar Wikipedia (Fountain) – frhdkazan and Ilnur efende
  44. Telugu Wikipedia [٢] - Nskjnv
  45. Thai Wikipedia (Fountain) – B20180
  46. Ukrainian Wikipedia (Fountain) – Ата
  47. Urdu Wikipedia (Fountain) – Obaid Raza

Note

1. ^  Korean Wikipedia runs WAM from Nov 15th to Dec 15th. 2. ^  Telugu Wikipedia runs WAM from Nov 15th to Dec 15th.

ذيلي مقابلا ڳولھيو!
ذيلي مقابلا اڪثر ڪري آن لائين ايڊٽ-اي-ٿون يا آن لائن واقعا وڪيپيڊيا ايشيائي مهيني ڀائيوارن سان گڏ هوندا آهن:


  • About: Competition of the Week concerning articles about Asia on Cantonese Wikipedia.
  • Time: 1 November to 30 November 2021
  • Contact: User:Detective Akai
  • Reward: Prizes like "Wikipedia Asian Ambassadors"
  • About: Competition of the Month concerning articles about Asian Women on Italian Wikipedia.
  • Time: 1 November to 30 November 2021
  • Contact: Camelia
  • Reward: little gadgets
  • About: Competition of the Week concerning articles about Asia on Swedish Wikipedia.
  • Time: 8 November to 14 November 2021
  • Contact: Deryni
  • Reward: Virtual prizes.
  • About: Competition focused on articles about Taiwan on Slovak Wikipedia.
  • Time: 1 November to 30 November 2021
  • Contact: Jetam2
  • Reward: Postcards.

ڇا توھان جي ديسي وڪيپيڊيا نه لَڌي؟ مقامي آرگنائيزر ٿيڻ لاءِ هيٺ سائن اپ ڪريو! وام صفحو ٺاهيو ۽ ان کي هتي ڳنڍيو: