Sd.وڪي اخبار:مشن بابت بيان

=== بنا تعصب جي تازه ترين اعتبار جوڳيون اهم توڙي تفريحي خبرون پيش ڪرڻ===

وڪي اخبار حصيداري واري صحافت کي هٿي ڏيئي ٿي، اسان کي يقين آهي ته هر شهري ڄاڻي ٿو ته اصل ۾ خبر ڇا آهي. اوهان به هن ڪوشش ۾ شامل ٿي پنهنجي دلچسپيءَ جون خبرون ٻين تائين پهچايو.

وڪي اخبار پروجيڪٽ، وڪي ميڊيا فائونڊيشن جو هڪ مفت مواد خبرن جو ذريعو آهي جتي هر ڪنهن کي عام دعوت آهي ته هو حصيداري ڪري سگهي. وڪي اخبار جوڙڻ جو مقصد هڪ اهڙو وايو منڊل جوڙڻ آهي جنهن ذريعي ”ميڊيا“ کي وڌيڪ سگهارو ڪري سگهجي.

وڪي اخبار ٿورين اصل خبرن جي باوجود ڪارائتو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ٻئي هنڌان مفت، غيرجانبدار، مختصر ۽ جامع خبرون مهيا ڪري ٿو.

وڪي اخبار پنهنجي نوعيت جو هڪ ڪارائتو ذريعو آهي، ائين سمجهو ته وڪي اخبار ”ايسوسيئٽڊ پريس“ يا ”ريوٽرز“ جو متبادل آهي, جيڪو هر ڪنهن کي فري مواد مهيا ڪرڻ سان گڏ کين رپورٽنگ ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو. ڪاپي ليفٽ جا ٿورا ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي هر ڪو پنهنجون خبرون مهيا ڪري سگهي ٿو پوءِ ڀلي اهو غيرجانبدار نه به هجي.

جيتوڻيڪ ڪيترائي چيلنج درپيش آهي ان باوجود وڪي اخبار پنهنجي انداز سان ڪم ڪندو رهندو. وڪي اخبار جا اصول بلڪل ساڳيا آهن جيڪي ”وڪي پيڊيا“ ۽ ٻين ”وڪي ميڊيا“ جي ويب سائيٽن لاءِ آهن، يعني غيرجانبدار، مفت مواد ۽ کليل بحث مباحثي جو طريقه ڪار.


==پروجيڪٽ جا مضمون==